چوھڙجمالي ڀرسان ڄاڃين جو ڪوسٽر کاھي ۾ ڪري پيو، پيءُ پٽ سوڌو 4 ڄڻا فوت

ٺٽو (ڊ.ر) چوھڙجمالي ڀرسان روڊ موري گولائي وٽ شيدي برادري جي ڄڃ کڻي ايندڙ ڪوسٽر گولائي ۾ موڙ ڪاٽيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاھي ۾ ڪري پيو، جنھن سبب، پيءُ پٽ سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽  20  ڄڻا زخمي ٿي پيا،فوتين ۾ رفيق عرف پپو شيدي، سندس 12سالن جو پٽ رحيم بخش شيدي، 20 سالن جو عظيم شيدي ۽ 10 سالن جو باسط عرف ببلو شيدي شامل آھن، زخمين ۾ گھوٽ محمد جمن شيدي، گهوٽ خالد شيدي،  شڪيل شيدي، عباس شيدي، آچار شيدي، غلام مصطفي شيدي، سوڌو 20 جي لڳ ڀڳ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آھن، فوتين  جا لاش۽ زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر چوھڙجمالي نيو ويو، لاشن ۽ زخمين کي شھرين ۽ ڳوٺاڻن پاڻي مان ڪڍي اسپتال پھچايو، لاش پوسٽ ماٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، اسپتال تي لاش پھچڻ مھل سندن وارث رڙيون ڪندا لاشن کي چنبڙي ويا، چيو پيو وڃي ته شيدي برادري جي چوھڙجمالي مان ڄڄ گذريل رات ور غلام الله ۾ ڪنوار جو ونواھ ڪرڻ لاءِ وئي هئي ۽ صبح 6 وڳي واپس چوھڙجمالي ايندي ڪوسٽر سان حادٽو پيش آيو، حادثي جي سوڳ ۾ چوھڙجمالي جي شھرين رضاڪاراڻي نموني ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، سوڳ ۾ شاھي بازار، ڪپڙا بازار، ريشم گلي، مدني چوڪ، ۽ ٻِا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رھيا، فوتي رفيق عرف پپو شيدي، ڊرائيوري  ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو ھو، جڏھن ته 19 سالن جي عظيم شيدي جي هڪ مهينو پهرين شادي ٿي ھئي، جيڪو پڻ مزدوري ڪري گھر ھلائيندو ھو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *