چوڌري ڀائرن جي اڳوڻي صدر آصف علي زرادري سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

NNI05-55لاهور(م،.ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻن چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي آچر ڏينهن هتي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي مٽا سٽا ڪئي. ملاقات بعد بلاول هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو ته آصف علي زرداري کي ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال بابت سخت ڳڻتي آهي. هن چيو ته سياسي معاملن کي جلد حل ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان سان زندگي جي هر شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن جي زندگي تي اثر پوي ٿو. چوڌري پرويز الاهي چيو ته هي عيدالاضحيٰ ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ملهائيندو جنهن بعد پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڌرڻي ۾ ويندو ۽ اتي موجود ماڻهن سان عيد ملهائيندو. هڪ سوال تي هن چيو ته موجوده سياسي صورتحال ملڪ جي معيشت تي سخت اثر وڌو آهي پر اميد آهي ته جلد سڀني مسئلن جو حل نڪري ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *