چوڌري نثار ۽ سراج الحق وچ ۾ ملاقات سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سان ملاقات ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال تي ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، چوڌري نثار چيو آهي ته سراج الحق ۽ جماعت اسلامي جو مثبت ڪردار ساراهه جوڳو آهي. گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻن جي حوالي سان به معاملن تي ڳالهايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *