چوڌري نثار ڦڙتي گھڻي ٿو ڏيکاري، نواز شريف هڪ شهر جو وزيراعظم آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاقي گهرو وزير پاڪستان کي پنهنجي جاگير سمجهي ٿو پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڻ تي لڳل ڪوڙن الزامن کي منهن ڏيڻ لاءِ وطن واپس آيو آهيان نواز شريف وانگر عدالتن تي حملا نه ڪندا آهيون عدالت تي مون کي اعتماد آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته قلمدان سنڀالڻ نه پر پاڻ تي لڳل الزامن کي منهن ڏيڻ لاءِ واپس وطن آيو آهيان. ڪا به حڪم امتناعي ناهي ورتي پر رضاڪاراڻي طور تي عدالت جي اڳيان پيش ٿيو آهيان. هن چيو ته اسان نواز شريف وانگر عدالتن تي حملا نه ڪندا آهيون پر عدالتن جو احترام ڪندا آهيون. هن چيو ته گهرو وزير کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي اهو نه پيو ڪري ۽ غير ضروري شين تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ان کي صرف اپوزيشن تي ڪرڻ ۽ وسڻ ايندو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو وڏو واقعو ٿيندو آهي ته هو سوڙ ويڙهي هڪ هفتي لاءِ سمهي پوندو آهي. ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽ تي ته ان کي اخلاقي طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته چوڌري نثار وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو نه وڌو ويو هو سمجهي ٿو ته ملڪ سندس جاگير آهي ۽ جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو. پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم مني لانڊرنگ ۾ اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو نه وڌو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *