چوڌري نثار پاڪستان ۾ داعش جي وجود کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پاڪستان ۾ داعش جي وجود کي رد ڪندي چيو آهي ته هر حال ۾ امن امان بحال ڪيو ويندو، دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اتحاد قائم ڪرڻ سمورين سياسي پارٽين جي ذميواري آهي، وزيراعظم سان ڪنهن قسم جا ڪي به اختلاف نه آهن، بيماري سبب ڪراچي نه وڃي سگهيس، هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شهرين کي خوف ۽ حراس ۾ مبتلا ڪندڙ دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، هي سڄي قوم ۽ سياسي جماعتن جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجن صفن ۾ اتحاد قائم ڪن ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏين، هن چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن کانپوءِ امن امان بهتر ٿيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس ۽ وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، صفوران ڳوٺ سانحي تي ڪراچي ۾ وزيراعظم جي آمد ۽ گهرو وزير جي غير موجودگي تي ڪيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو بيماري سبب ڪراچي نه وڃي سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *