چوڌري نثار وفاقي سرڪار لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي رينجرز اختيارن وارن معاملي تي چوڌري نثار جي رويَي خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته چوڌري نثار وفاقي حڪومت لاءِ 2014ع جي ڌرڻن جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي سنجيده آهي. اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان فون تي رابطو ڪري صوبي ۾ رينجرز اختيارن واري معاملي تي تفقصيلي بريفنگ ورتي. سيد خورشيد شاهه وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي جي ڌمڪين واري بيان تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته چوڌري نثار سنڌ حڪومت کي 18هين ترميم جي ڌمڪي ڏني آهي، هـُو وفاقي حڪومت لاءِ 2014ع جي ڌرڻن جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي معاملي ۾ سنجيده آهي پر چوڌري نثار جي غلط رويَي سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *