چوڌري نثار نوازشريف جو چيو نٿو مڃي، ميان صاحب بيوس آهي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (بيورو) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو آهي ته چوڌري نثار وزارت ڇڏڻ لاءِ تيار نظر ايندو آهي، پر نواز شريف جي ڳالهه ناهي ٻڌندو، ميان صاحب به بي وس نظر ايندو آهي، هي پيار به ٿي سگهي ٿو، سنڌ ۾ مخالف ڌر رڳو ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ماڊل ايان علي پويان لڳل آهي. حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ وومين ميڊيا سينٽر ماس ڪميونيڪيشن جي تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته ميان صاحب کان هو پڇڻ چاهي ٿو ته ڇا چوڌري نثار کان ڊنل آهي؟ يا ان سان محبت ڪري ٿو، گهٽ ۾ گهٽ واضع ڪيو وڃي. هن چيو ته اسحاق ڊار سياست سمجهي ٿو، ان کي سنڌ ۾ اچڻ گهرجي، پ پ جي خواهش آهي ته نواز سرڪار مدو پورو ڪري پر سندن لڇڻن مان ائين نٿو لڳو. مولا بخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ جيڪي به الائنس ٺهيا آهن، اهي سنڌ حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ٺهيا آهن، پر انهن کي هميشه ناڪامي نصيب ٿي، سنڌ حڪومت وفاق جو حصو هئي ۽ آهي. هن چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي بابت صوبن وفاق آڏو خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي وفاقي حڪومت جو ڪم آهي ته صوبن جا خدشا ختم ڪري. هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جو ڪم مئسلن جي نشاندهي ڪرڻ آهي، نه ڪي اسپيڪر ڊائس اڳيان گوڙ ڪري وڌيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ، سنڌ ۾ مخالف ڌر رڳو ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ماڊل ايان علي پويان لڳل آهي. صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ڪراچي مان پهريان ٻوري بند لاش ملندا هئا ۽ هاڻي پٿرن سان ڀريل ٻوريون ملي رهيون آهن، ڪراچي ۾ صفائي جو نظام پهريان کي بهتر آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ آدمشماري درست نموني نه ٿي آهي جنهن کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي  ميڊيا جي نمائندن پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه جي بيان جي تائيد ڪئي ته وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۾  اها خاصيت آهي ته هو سياسي مفاهمت ۾ مهارت رکي ٿو، ماڻهن کي راضي به ڪري وٺندو آهي، سندس زبان سياسي آهي ۽ هو ماڻهن کي گڏ وٺي هلي ٿو جڏهن ته مفاهمت دوران ٻه قدم پوئتي به  هٽي ويندو آهي ۽ مفاهمت وارو انداز اپنائيندو آهي. هن چيو ته  اهو وزير اعظم جي ذميواري آهي ته هو ماحول کي خوشگوار بڻائي ۽ صوبن کي گڏ وٺي هلي. هن چيو ته سندس خواهش آهي ته وزير اعظم پاڪستان  پنهنجي آئيني مدو پورو ڪري. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومت جڏهن به ايندي آهي ته هو پوري پاڪستان لاءِ نه بلڪه مخصوص علائقن لاءِ حڪومت ۾ ايندي آهي، جيڪا تمام خطرناڪ ڳالهه آهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته مخالفن کي سواءِ پيپلزپارٽي جي ڪجهه به  نظر نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته پ پ پ ڪلهه به وفاق جي پارٽي هئي ۽ اڄ به وفاق جي پارٽي آهي. هن چيو ته پ پ پ مخالف اهو سوچي رهيا آهن ته سنڌ ۾ پ پ پ جي   چونڊيل  حڪومت ڪيئن ختم ڪجي ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي ڪهڙا ڪهڙا  ڳٿا لفظ ڳالهايا وڃن. نئين چونڊيل بلدياتي نمائندن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي صلاحڪار چيو ته جيڪڏهن انهن بغاوت نه ڪئي ته اسان سان گڏ هوندا، جڏهن ته اختيارن جي ڳالهه ٿي ته قانونسازي ڪرڻي پوندي ۽ ضرورت آهر افهام ۽ تفهيم  سان اختيار ڏئي سگهجن ٿا. ان موقعي تي وومين ميڊيا سينٽر جي فوزيه شاهين پروگرام جي اعزاز ۽ مقصدن تي تفصيلي روشني وڌي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *