چوڌري نثار سان آمريڪي سفير جي ملاقات، پاڪ – آمريڪا ناتن تي غور ويچار

اسلام آباد (بيورو)گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن جمعي ڏينهن پنجاب هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گهرو وزير جي آمريڪا جي تازي دوري، پاڪ – آمريڪا ٻطرفن ناتن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، آمريڪي سفير سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته خطي ۾ امن ٻنهي ملڪن جو گڏيل مقصد آهي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ وڏي اهميت وارو آهي، چوڌري  نثار پنهنجي تازي آمريڪي دوري بابت ڳالهائيندي چيو ته وائيٽ هائوس طرفان انتهاپسندي جي تدارڪ لاءِ منعقد ڪيل ڪانفرنس واکاڻ جوڳو قدم آهي، هن چيو ته مقامي ماڻهن کي مضبوط ڪري امن پسند اڪثريت جو اعتماد حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن آمريڪي انتظاميا ۽ صدر بارڪ اوباما طرفان اسلام ۽ انتهاپسندي ۾ واضح فرق ڪرڻ جي موقف جي به واکاڻ ڪئي، پاڪ آمريڪا ناتن تي ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي مفادن کي اولين ترجيح ڏيندي آمريڪا سان ڊگهي مدي وارن جٽادار ناتن جو خواهشمند آهي، آمريڪي سفير پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جدوجهد جي واکاڻ ڪندي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفن ناتن کي مستحڪم ۽ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *