چوڌري نثار جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان ڪميٽي جو اجلاس دهشتگردي سميت ٻين معاملن تي غور

اسلام آباد (بيورو) دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪونسل قائم ڪرڻ، دهشتگردي جي ڪيسن کي تڪڙي بنيادن تي اڪلائڻ، مدرسن جي نظام ۾ سڌارو آڻي مذهبي تنظيمن جي فنڊن جي آڊٽ سميت نيشنل ورڪنگ گروپ جون ٻيون اهم سفارشون منظوري لاءِ قومي ايڪشن پلان ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيون ويون آهن. اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيڪا جي ڪوآرڊينيٽر حامد خان ۽ پارلياماني ڪميٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ورڪنگ گروپ پاران جوڙيل 22 نقاطي سفارشون قومي ايڪشن پلان ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويون آهن. نيشنل ورڪنگ گروپ سفارش ڪئي آهي ته ڪرمنل جسٽس سسٽم تيز ۽ اثرائتو بڻايو وڃي،دهشتگردي وارن ڪيسز جي تڪڙي ٻڌڻي ڪري ڪيسز کي اڪلائڻ جو وقت مقرر ڪيو وڃي. ذريعن موجب، ڳجهي ڄاڻ جي مٽا سٽا لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ فاصلو گهٽائڻ جو فيصلو ڪندي انٽيليجنس شيئرنگ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. نيشنل ورڪنگ گروپ اها به سفارش ڪئي آهي ته مدرسن جي سسٽم ۾  سڌارا  آڻي مذهبي تنظيم جي فنڊن جو آڊٽ ڪيو وڃي، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ادارن ۽ تنظيم جي رجسٽريشن به ڪئي وڃي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪونسل قائم ڪرڻ سميت 22 نقاطي سفارشون اڄ ئي اجلاس مان منظور ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد سفارشون حتمي منظوري لاءِ وزيراعظم نواز شريف ڏانهن موڪليون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *