چوڌري نثار جو گورنر عشرت العباد سان فون تي رابطو، عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي تي اعتماد ۾ ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان فون تي رابطو ڪري عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اعتماد ۾ ورتو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرف العباد سان فون ڪيو. رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن عمران فاروق قتل ڪيس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته گهرو وزير گورنر کي ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اعتماد ۾ ورتو. ان موقعي تي عشرت العباد جو چوڻ هو ته عمران فاروق جي قاتلن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهـُرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *