چوڌري نثارعلي جي سريلنڪا جي گهرو وزير سان ملاقات، پاڪستان جي دوري جي دعوت

نيويارڪ (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان سريلنڪا جي گهرو زوير سدالا رتنا نائيڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي گهرو وزير جي اهم ملاقات اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي خاص اجلاس جي موقعي تي ٿي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي چوڌري نثارعلي خان جي قيادت ۾ هڪ ست رڪني وفد ڪئي جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي خصوصي نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي وفاقي سيڪريٽري منشيات روڪٿام ڊويزن اعجاز علي شاهه، ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس ميجر جنرل ناصر دلاور ۽ ٻيا شامل آهن اقوام متحده ۾ پاڪستاني مشن پاران جاري بيان مطابق سريلنڪن گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان سان پنهنجي ملاقات دوران کيس سريلنڪن حڪومت پاران پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تي هٿي وٺڻ تي زور ڏنو ملاقات ۾ چوڌري نثارعلي خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ منشيات روڪٿام جي تعاون لاءِ گڏيل پاليسي جوڙڻ ۽ قدمن تي زور ڀريو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هن خاص اجلاس ۾ تقرير ڪندي چوڌري نثار منشيات جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي حڪمت عملي بابت پاليسي بيان ڏنو ۽ وفد جي ٻين ميمبرن ٻين عالمي وفدن سان هن موضوع تي عام ملاقاتون ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *