چونڊ نظام ۾ خرابيون آهن، پارلياماني نظام بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊن نظام ۾ خرابيون آهن، پارلياماني نظام بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڪي پي ڪي ۾ ٻين کي چور چوندڙ خود چور نڪري پيا ۽ چور جي چوري پڪڙجي پئي، چيئرمين سينيٽ اڪثريت رکندڙ جماعت مان هوندو، خميس تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ ادارن تي گند اڇلايو پيو وڃي ۽ ڪجهه ڪمزوريون هونديون آهن، ٻاهر نظام  خراب آهي، پارليامينٽ ۾ سڌارا ڪميٽي جوڙي وئي، هڪ جماعت شرڪت نه پئي ڪري ۽ ٻيون جماعتون ان جو انتظار ڪري رهيون آهن، نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، جمهوري عمل مان گذرئي جمهوري ادارا ٺهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اپوزيشن جماعتن هارس ٽريڊنگ جو رستو روڪي ڇڏيو آهي، اسان بهتر طريقيڪو اختيار ڪيو آهي ۽ اپوزيشن جماعتن کي گڏ ڪيو آهي، بلوچستان مان مولانا عبدالغفور حيدري چونڊيو ويو آهي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ٻين کي چور چوندڙ پاڻ چور نڪتا، چور جي چوري پڪڙجي پئي آهي، هن چيو ته چونڊون ٿي ويون آهن ۽ نتيجا سڀني کي قبول ڪرڻا پوندا، هن چيو ته آرڊيننس جو معاملو عدالت ۾ آهي ان تي ڪا راءِ نٿو ڏيڻ چاهيان، رحمان ملڪ کي چيئرمين سينيٽ بڻائڻ جي حوالي سان هن صحافي کي چيو ته اوهان کي چيئرمين بڻايو وڃي ته ڪيئن ٿيندو، مولانا فضل الرحمان چيو ته جنهن وٽ اڪثريت هوندي آهي اهو ئي پنهنجو چيئرمين بڻائيندو آهي ۽ جيڪو به چيئرمين ٿيو اسان ان کي تسليم ڪنداسين، قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان هن چيو ته قومي ايڪشن 20 نقطن تي ٻڌل آهي جيڪو هڪ نقطي تائين محدود ٿي ويو آهي، مسجدن، مدرسن، عالم سڳورن، ڏاڙهي ۽ پڳڙي خلاف هڪ نقطي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان ايڪهيني آئيني ترميم خلاف احتجاج ڪيو، هي امتيازي قانون آهي، فاٽا اليڪشن جي حوالي سان هن چيو ته فاٽا ۾ سينيٽ چونڊن تي اتحادين سان مشاورت ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *