چونڊ عمل شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آرڊيننس جاري ڪرڻ ناانصافي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته چونڊ عمل شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آرڊيننس جاري ڪرڻ ناانصافي آهي حڪومت جو قدم جمهوريت لاءِ خطرناڪ هوندو اليڪشن شيڊول اچڻ کان پوءِ قانون تبديل نٿو ٿي سگهي اليڪشن ڪميشن صدارتي آرڊيننس جو نوٽيس وٺي خميس تي هتي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت هارس ٽريڊنگ جو عمل ڪري ڏيکاري ڇڏيو جيڪا  شئي پنهنجي مفاد ۾ لڳي ان تي آرڊيننس آندو چيف اليڪشن ڪمشنر ان آرڊيننس آڻڻ جو نوٽيس وٺي خورشيد شاهه چيو ته هن آرڊيننس کي غير قانوني سمجهيو ويندو فاٽا وارا پريشان آهن جيڪو اليڪشن ڪميشن ويل آهي اليڪشن شيڊول اچڻ کان پوءِ قانون تبديل نٿو ٿي سگهي سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت پاران فاٽا جي حوالي سان رات جي اونداهي ۾ جاري ايس آر او جي مذمت ڪيون ٿا فاٽا جي عوام جي حقن لاءِ اسان ان سان گڏ آهيون هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊ عمل شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آرڊيننس جاري ڪرڻ ناانصافي آهي حڪومت جو هي قدم جمهوريت لاءِ خطرناڪ هوندو صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ آئين جي خلاف ورزي آهي حڪومت پنهنجي مرضي جو قانون جاري ڪري رهي آهي جيڪو قانون ان کي پسند آهي اهو لاڳو ڪيو وڃي ٿو. خورشيد شاهه صدارتي آرڊيننس کي رد ڪندي چيو ته هي آرڊيننس فاٽا ميمبرن جي حق تلفي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *