چونڊ سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي عبوري رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش، 22 ترميمون آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد  (اين اين آءِ) چونڊ سڌارن لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي عبوري رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي جڏهن ته ڪاميٽي جي چيئرمين اسحاق ڊار چيو آهي ته عبوري ڪاميٽي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان 22 ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 2 جون تي صدر مملڪت پارليامينٽ کي خطاب ڪندو 30 جون تي بجيٽ پيش ڪئي ويندي. جيستائين اها ترميم نه ٿيندي اوستائين خلا برقرار رهندو گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته چونڊ سڌارن جي حوالي سان 34 رڪني پارليماني ڪميٽي قائم ڪئي ويئي جنهن جا 18 اجلاس ٿيا ۽ زيلي ڪميٽي 6 رپورٽون پيش ڪيون ۽ اسان کي 1200 تجويزون موصول ٿيون گذريل ڏينهن اسان چونڊ سڌارن جي حوالي سان بل کي حتمي شڪل ڏني قومي اسيمبلي مان تحريڪ جي منظوري کان پوءِ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار چونڊ سڌارن جي حوالي سان خصوصي پارليامينٽ جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته ڪميٽي ۾ تمام پارليماني جماعتن جي نمائندگي اهي اليڪشن ميمبرن جي مدو 10 جون تي ختم ٿي رهيو آهي ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان 22 ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ڪو خلا پيدا نه ٿي سگهي هن چيو ته 2 جون تي صدر مملڪت پارليامينٽ کي خطاب ڪندو 3 جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ۽ جيستائين اها ترميم نه ٿيندي اوستائين خلا برقرار رهندو. جيڪڏهن اڄ هن بل کي ايوان مان منظور ڪرائڻو آهي ته سڀاڻي اها رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. اهو بل اتفاق راءِ سان ڊرافٽ ڪيو ويو آهي اسان تمام پارليامينٽ جماعتن جا شڪر گذار آهيون اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته بل کي بيشڪ اڄ ئي منظور ڪيو وڃي پر ان لاءِ آئين جي تحت 228 ميمبرن جي موجودگي ضروري آهي. ان تي اسحاق ڊار چيو ته 228 ميمبرن جي موجودگي آئيني تقاضا آهي ميمبرن جي حاضري کي يقيني بڻايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *