چونڊ سڌارن تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو وڃي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو وڃي اڱاري تي وزيراعظم سان سينيٽر علي ظفر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف قانوني معاملن ۽ چونڊ سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي عمران خان چيو ته چونڊ سڌارن تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو وڃي چونڊن ۾ بدعنواني ۽ پئسي جي استعمال کي روڪينداسين سينيٽ ۾ حڪومت سمورين پارٽين کي گڏ کڻي هلندي اسان جي ڪوشش آهي ته سينيٽ ۾ التوا هيٺ قانونسازي جلد مڪمل ڪئي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *