چونڊ سڌارا ڪيس: سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، چونڊ سڌارن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي جواب  داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي، عدالت پارليامينٽ کي قانونسازي جو حڪم نٿي ڏئي سگهي. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ چونڊ سڌارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته چونڊ سڌارن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هو عدالتي حڪمن تي عمل ڪري رهيا آهن پر چونڊ سڌارن بابت ڪجهه قانونسازي جي ضرورت آهي، جيڪا پارليامينٽ کي ڪرڻي آهي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن حڪومت جي ماتحت ناهي، آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت، پارليامينٽ کي قانونسازي جو حڪم نٿي ڏئي سگهي، قانونسازي پارليامينٽ جو ڪم آهي. عدالت، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ سڌارن بابت لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *