چونڊ دوران وزيراعظم، چونڊيل نمائندا توڙي وزير تڪن جو دورو نه ڪري سگهندا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، ننڍي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق بحال ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وزيراعظم، چونڊيل نمائندا توڙي وزير تڪن جو دورو نه ڪري سگهندا. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ابراهيم سـَتِيموقف اختيار ڪيو ته ننڍي چونڊن لاءِ ضابطه اخلاق تيار ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد چونڊن کي شفاف بڻائڻ هو. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ضابطه اخلاق ۾ ننڍي چونڊ دوران صدر، وزيراعظم، چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جي تڪن جي دوري تي پابندي لڳائي وئي هئي پر لاهور هاءِ ڪورٽ ضابطه اخلاق معطل ڪري دورن جي اجازت ڏني هئي. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ضابطه اخلاق بحال ڪيو وڃي ته جيئن ننڍي چونڊ وارو عمل شفاف نموني سان ٿي سگهي. عدالت، اليڪشن ڪميشن جو موقف درست قرار ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق بحال ڪندي چيو ته ننڍي چونڊ دوران، وزيراعظم، وزير ۽ چونڊيل نمائندا تڪ جو دورو نٿا ڪري سگهن. عدالت، اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *