چونڊون ويجهو ايندي ئي عمران خان مريم نواز جي پاڇي کان به ڊڄندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب  چيو ته عمران خان اقتدار جي لالچ ۾ پاڪستان جي سياست نه ڪري، قوم ڄاڻي ٿي ته ڪير احتساب کان ڀڄي رهيو آهي ۽ ڪير عدالتن کان فرار آهي. عمران صاحب 2018 تايئن انتظار ڪري ۽ اچي ملڪ  کي اڳتي کڻي هلي . 2018 جون چونڊون جيئن ويجھو اينديون ته توهان مريم نواز جي پاڇي کان به ڊڄندا، هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي ۽ لڙ ڪري ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگھي. پاڪستان جي عوام ڄاڻي چڪي آهي ته عمران سياست کي گار گند بڻايو آهي. عمران پاڻ پنهنجي ڪرسي جي حوص ۾ پاڪستان جي ترقي نه ٿو چاهي هن چيو ته نوازشريف سان ساڙ ڪري عمران خان وزيراعظم نه  ٿو بڻجي سگھي. اچ سڄِي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران پاڪستان کي صرف توهان کان خطرو آهي. ڇو ته توهان پاڪستان جي ترقي جا  دشمن آهيو. هن چيو ته عمران صاحب توهان  جنهن جا مثال ڏئي رهيا آهيو، اهي ڪوڙن الزامن جي باوجود پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي اڳيان پيش ٿي رهيا آهن.  هن چيو ته عمران اڃان ته توهان کي اين اي 120 ۾ شڪست ڏني آهي، 2018 جي چونڊن ۾ توهان مريم نواز جي پاڇي کان به ڊڄندئو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *