چونڊن ۾ اتحاد خلاف آهيان، آزاد نموني چونڊ وڙهڻ چاهيان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

چترال (اين اين آءِ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عائشا گلالئي جا الزام سنجينده آهن، عورتن کي حراسان ڪرڻ بابت قانون موجود آهي ۽ ان تحت معاملي کي حل ٿيڻ گهرجي، پ پ عورتن جي حقن جي جدوجهد ڪئي ۽ ڪڏهن به الزامن جي سياست نه ڪئي، آچر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياست کي هڪ طرف رکي عائشا جي الزامن جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، بلاول ڀٽو چيو ته عورتن کي حراسان ڪرڻ بابت قانون موجود آهي. هن چيو ته سياست ۾ الزام هڪ خراب روجحان آهي ۽ ڪنهن لاءِ به فائدي وارو نه آهن، خاص طور تي نوجوانن لاءِ وڏو مثال قائم ٿي رهيو آهي، نواز شريف جي نااهلي بابت بلاول ڀٽو چيو ته نواز شريف آخري ملاقاتون ڪري رهيو آهي، احتساب جو عمل سڀني لاءِ ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ تحت اهڙا قانون هجڻ گهرجن ته ڪير به احتساب کان مٿانهون نه هجي، هن چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ خبر پئجي ويندي ته عوام ن ليگ کي رد ڪري ٿو، جڏهن ته ان کان اڳ شهباز شريف کي خبر آهي ته اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست ٿيندي ان لاءِ هو ڀڃي رهيو آهي، پ پ چيئرمين چيو ته هن وقت تائين منصوبو آهي ته ايندڙ اليڪشن اڪيلي سر وڙهنداسين ۽ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد نه ڪيو ويندو. مان چونڊ اتحاد نٿو چاهيان ۽ آزاد چونڊون وڙهڻ چاهيون ٿا. مون کي 2018 جي اليڪشن چترال کان وڙهڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته عورتن پاران ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ سموريون سياسي پارٽيون نوجوانن لاءِ به پروگرام بڻائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *