چونڊن کان پوءِ ڌانڌلي خلاف اسان جو ڌرڻو درست ثابت ٿيو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف اسان جو ڌرڻو درست ثابت ٿي هاڻ ايندڙ چونڊون شفاف هونديون. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجا ايمپائر بيهاريا ۽ هنن انهن کي پاڻ سان گڏائي ڄمي ڌانڌلي ڪئي ۽ بعد ۾ تحريڪ انصاف کي ڌانڌلي جي جاچ ڪرڻ لاءِ روڪڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته  چونڊن کان پوءِ ڌانڌلي خلاف اسان جو ڌرڻو درست ثابت ٿيو، اسان هدف هو ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ چونڊن کي شفاف بڻائجي، اسان جي ڌرڻي کان پوءِ ئي عوام کي سڪون مليو ۽ ن ليگ جو ووٽ بينڪ 86 لک کان وڌي ڏيڍ ڪروڙ تائين ڪيئن پهتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *