چونڊن ٿيڻ ۾ دير ناهي، ٿوري وقت لاءِ مخالف اڳواڻ ٿي ڇا ڪندس: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هاڻ جڏهن چونڊن ۾ ڪا دير ناهي ته پوءِ هو ٿوري عرصي لاءِ خالف ڌر جو اڳواڻ ٿي ڇا ڪندو ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻ ٻڪرو لولو لنگڙو ٿيڻ کانپوءِ پوليو ۾ به وٺجي ويو آهي ۽ سندس وڃڻ ۾ ڪا دير ڪونهي هن چيو ته خورشيد شاهه وارو معاملو قومي ناهي ايم ڪيو ايم کي وزيراعظم جي استعيفيٰ واري معاملي ۾ ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن اها اسان جو ساٿ ڏئي ٿي ته پوءِ ان سان ڳالهيون اڳتي وڌائي سگهجن ٿيون شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته بابر غوري ساڻس ملاقات ۾ ڪي خاطريون ڪرايون آهن پر هو اڃان ڪنهن کي ٻڌائي نٿو سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *