چرچ ڌماڪي جي مذمت، حڪومت ٻيهر نا اهلي ڏيکاري: ق ليگ قيادت

لاهور (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم چوڌري پرويز الاهي هتي يوحنا آباد ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ ڪرائيس چرچ ۾ ٿيل ڌماڪن تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو  آهي ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر نالائقي ڏيکاري، ٻنهي اڳواڻن هڪ بيان ۾ ڌماڪي ۾ مارجي  ويل ۽ زخمي مسيحي ۽ پوليس اهلڪار اسان جا ڀائر آهن، اسان سدن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مارجي ويلن جي وارثن کي صبر ڪرڻ جو حوصلو ڏئي، هن چيو ته اقليتن سميت هر پاڪستاني جي جان ۽ مالي هڪجهڙي اهميت رکندڙ آهن، انهن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *