چترال ۾ قيامت برپا ڪندڙ برسات ۽ ٻوڏ جون تباهيون جاري، فوتين جو انگ 40 ٿي ويو

چترال (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قيامت برپا ڪندڙ برسات ۽ گليشيئرز پگهرجڻ سبب چترال ۾ آيل ٻوڏ سبب هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ فوتين جو انگ 40 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪ فوج پاران متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي. چترال ۾ برسات ۽ گليشيئرز پگهرجڻ سبب آيل ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. چترال ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جون تباهيون نه رُڪجي سگهيون، اڄ به 2 ڄڻا لـُڙهي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ 40 ٿي ويو آهي. برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي رابطا روڊ ۽ پـُليون لــُڙهي ويون آهن، ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪ هفتو گــُذري وڃڻ باوجود ملڪ سان زميني رابطو ڪٽيل آهي. روڊ لــُڙهي وڃڻ سبب چترال جي مٿانهن علائقن ۾ هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن جن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *