چاهيون ٿا سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ۾ شامل ٻين ماڻهن کي به گهرائي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناما ليڪس ۾ 436 ماڻهن جا نالا هيا، پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته سپريم ڪورٽ هيل تائين رڳو نواز شريف جي باري ۾ فيصلو ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا سپريم ڪورٽ هاڻي ٻين ماڻهن کي به گهرائي، سپريم ڪورٽ ٻين سمورن ماڻهن جي لاءِ به ڪميشن يا جي آءِ ٽي بڻائي، هن چيو ته اسان جو پهرين ڏينهن کان موقف آهي ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هن ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ اسان وڪيلن جي ٽيم بڻائي آهي، قوم جو مينڊيٽ سپريم ڪورٽ وٽ آهي، سپريم ڪورٽ کي هاڻي اڳتي وڌڻو آهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا سپريم ڪورٽ احتساب لاءِ هڪ مڪينزم به ڏئي، اسلام ۾ ئي نه دنيا جي هر آئين ۾ حڪمران جي لاءِ صادق ۽ امين جي شرط آهي، اسان چئون ٿا 62 ۽ 63 کي آئين مان ڪڍڻ بدران سڀني تي لاڳو ٿيڻ گهرجي، جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو ته پارٽين وچ ۾ جيڪڏهن ڳالهيون ٿيڻيون آهن ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٿيڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *