چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جو حملو، فائرنگ، ڌماڪا، پروفيسر، شاگردن ۽ سيڪيورٽي گارڊن سميت 25 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

چارسده (اين اين آءِ) چارسده ۾ باچاخان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ پروفيسر شاگرد سيڪيورٽي گارڊن سميت 25 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا آپريشن دوران فضائي نگراني ٿيندي رهي پاڪ فوج جي جوانن 100 کان وڌيڪ شاگردن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي يونيورسٽي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو زخمين ۾ گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جي انگ وڌي سگهي ٿو چارسده ۽ پشاور جي علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وييئي جڏهن ته صدر ممنون حسين وزيراعظم نوازشريف حملي جي مذمت ڪندي چيو ته بيگناهه شاگرد ۽ شهرين کي قتل ڪندڙن جو ڪوئي مذهب نه آهي ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي اربع تي چارسده جي باچاخان يونيورسٽي ۾ قوم پرست اڳواڻ باچا خان جي ورسي جي موقعي تي مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ شاگرد استاد ۽ وڏي انگ ۾ عملو موجود هو ته صبح جو 9 لکي 15 منٽن تي اوچتو فائرنگ شروع ٿي ويئي ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن پوءِ پوليس جي ڳري نفري پهچي ويئي ۽ دهشتگردن جو مقابلو شروع ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاع ملڻ تي پاڪ فوج جا ڪمانڊوز پهچي يونيورسٽي ۾ لڪل دهشتگردن جو مقابلو ڪيو دهشتگردن جي فائرنگ ۽ ڌماڪن سان پروفيسر حامد سميت 25 ڄڻا شهيد ٿيا شهيدن ۾ شاگرد استاد ۽ سيڪيورٽي گارڊ به شامل آهن شهيدن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال چارسده منتقل ڪيا ويا آهن زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال چارسده آندو ويو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي آهي سخت زخمين کي پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو اسپتال جي ذريعن موجب زخمين ۾ گهڻي ڀاڱي شاگرد آهن چارسده يونيورسٽي جي هڪ ملازم ٻڌايو ته دهشتگرد يونيورسٽي جي پوئين حصي مان اندر داخل ٿيا پوليس موجب دهشتگردن جو انگ 6 کان 8 هو اکين ڏٺل شاهد مطابق فائرنگ جي واقعي کان پوءِ ڀاڄ پئجي ويئي ۽ شاگرد پنهنجن ڪلاسن، شاگردياڻيون هوسٽل ۾ ڦاسي پيون جڏهن ته پاڪ فوج جي جوانن ڪيترن ئي شاگردن ۽ استادن کي يونيورسٽي مان حفاظت سان ڪڍي ورتو آءِ ايس پي آر مطابق فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا مارجي ويل دهشتگرد هاسٽل جي اندران فائرنگ ڪري رهيا هئا آپريشن دوران يونيورسٽي جي فضائي نگراني به ٿيندي رهي باچا خان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فصل الرحيم ٻڌايو ته 3000 جي لڳ ڀڳ شاگرد ۽ 600 مهمان يونيورسٽي ۾ موجود هئا فائرنگ ٻاهران ٿيندي رهي جنهن جي ڪري شاگردن کي ڪجهه نظر نه پئي آيو ٿي سگهي ٿو ته هٿياربند ڪوهيڙي جو فائدو وٺندي اندر داخل ٿيا هجن هن ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ ٻه بوائز ۽ هڪ گرلز هاسٽل آهي يونيورسٽي اندر موجود اسٽاف سان رابطو رهيو هڪ ٻئي اکين ڏٺل شاهد ٻڌايو ته دهشتگردن جو پهريان يونيورسٽي گارڊن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ ٽي گارڊ زخمي ٿيا بعد ۾ پوليس ۽ فوج پهتي دهشتگرد يونيورسٽي ۾ داخل ٿي مختلف پاسن ۾ پکڙجي ويا. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي آپريشنز چارسده سعيد وزير چيو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿيا آهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي ٻڌايو ته کيس ڏنل اڻتصديق ٿيل اطلاعن مطابق شهيدن جو انگ 25 جي لڳ ڀڳ آهي جن ۾ يونيورسٽي جي شعبي ڪئمسٽري جو پروفيسر حامد حسين شامل آهي واقعي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. هوڏانهن صدر ممنون حسين وزيراعظم محمد نوازشريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي حملي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي هڪ بيان ۾ صدر واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دشمن اهڙي طرح جون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب قائم رهندي ۽ حڪومت دهستگردي جي ڪنهن بزدلاڻي ڪارروائي کان ڪنهن به صورت نه ڊڄندي، هوڏانهن چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز. سردار محمد يعقوب چوڌري عبدالمجيد پرويز خٽڪ ميان شهبازشريف نواب ثناءُالله زهري ڊاڪٽر عشرت العباد سردار مهتاب خان عباسي حافظ حفيظ الرحمان چوڌري نثار علي خان پرويز رشيد زاهد هامد عبدالقادر بلوچ اڪرم خان دراني عابد شيرعلي بلاول ڀٽو زرداري آصف زرداري سيد خورشيد شاهه فاروق ستار حيدر عباس رضوي مولانا فضل الرحمان اسفنديارولي شيخ رشيد احمد طاهرالقادري ۽ ٻين سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي طرف ڪي پي ڪي حڪومت باچا خان يونيورسٽي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، ان دوران سرڪاري آفيسن تي قومي جهنڊو جهڪيل رهندو، ان سلسلي ۾ شهيدن جي بلند درجن لاءِ قرآن خواني ڪئي ويندي، زخمين جي جلد صحتيابي ۽ ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ به خاص دعائون گهريون وينديون. سنڌ حڪومت چارسدا سانحي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.تفصيل مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ سڀني سرڪاري عمارتن تي جهنڊا جهڪيل رهندا.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا ميمبر پوري ملڪ ۾ آفيسن ۾ قرآن خانيون ڪرائين. هوڏانهن پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي هڪ ڪمانڊر ۽ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي ماسٽر مائينڊ عمر منصور اڻڄاتل هنڌ تان فون تي باچاخان يوينورسٽي تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي جڏهن ته تحريڪ طالبان پاڪستان جي مرڪزي قيادت هڪ اِي ميل جي ذريعي باچاخان يوينورسٽي تي حملي جي مذمت ڪندي ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. تحريڪ طالبان پاڪستان جي ترجمان محمد خراساني مطابق طالبان شوريٰ تحريڪ طالبان پاڪستان جو نالو استعمال ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *