چارسده ۾ اڳوڻي گهرو وزير آفتاب شيرپائو تي آپگهاتي حملو، پوليس آفيسر سميت ٻه ڄڻا شهيد، 3 زخمي

چارسده (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چارسده ۾ عمر زئي ٽائون ۾ اڳوڻي گهرو وزير آفتاب شيرپائو تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ پوليس آفيسر سميت ٻه ڄڻا فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، آفتاب شيرپائو بچي ويو، صدر ممنون حسين، وزيراعظم محمد نواز شريف حملي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي بزدلاڻيون ڪارروائيون حڪومتي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن جڏهن ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اطلاعن مطابق قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو چارسده جي علائقي عمر زئي ٽائون ۾ اڳوڻي ايم پي اي عالم زيب عمر زئي جي ورسي جي تقريب کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو ته هڪ آپگهاتي بمبار قافلي ۾ موجود سندس گاڏي ڀرسان اچڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي آفتاب شيرپائو جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن ان تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بمبار ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس جسم تي لڳل بارودي مواد ڦاٽي پيو، بمبار جو بارودي مواد ڦاٽڻ سبب هڪ پوليس آفيسر سميت ٻه ڄڻا فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اڳوڻو گهرو وزير حملي ۾ بچي ويو، پوليس مطابق حملي آور پهريان فائرنگ ڪئي جنهن کانپوءِ هو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ زخمي ٿيو پوليس بمبار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو بمبار وٽان ٽي دستي بم به هٿ ڪيا ويا آهن مبينا بمبار جي عمر 22 يا 23 سال جي لڳ ڀڳ هئي حملي وقت شيرپائو جو پٽ سڪندر خان شيرپائو ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي جو هڪ ميمبر به قافلي ۾ شامل هو. ٻئي پاسي صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف آفتاب شيرپائو حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *