چارئي صوبا تفصيل ڏين، غلط انگ اکر ڏيندڙ جيل ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، تيل ۽ گيس ڪمپنين جي رائلٽي جي مد ۾ ملندڙ رقم ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد  ڪندي چئني صوبن کي ترقياتي منصوبن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن ته جنهن به آفيسر غلط انگ اکر پيش ڪيا، ان کي جيل موڪليو ويندو. جسٽس امير هاني مسلم ۽ جسٽس دوست محمد کوسا تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سانگهڙ جي تيل ۽ گيس ڪمپنين جي رائلٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پراڊڪشن بونس، رائلٽي ۽ ميرين ريسرچ جي مد ۾ مليل رقم ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي.  رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت کي مليل رقم مان اڌ پئسا سنڌ جي 12 ضلعن تي خرچ ڪيا ويا آهن ۽  اتي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن. سنڌ جي ايڊيشنل ايدووڪيٽ جنرل چيو ته ڄامشورو، بدين، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۽ ٺٽي سميت 12 ضلعن لاءِ اسڪيمون مليون هيون، جيڪي پوريون ڪيون آهن، جڏهن ته رهيل اڌ رقم انرجي ڊپارٽمينٽ وٽ پيل آهي. جسٽس امير هاني مسلم سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد ڪندي چيو ته رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ تفصيل ناهن ٻڌايا ويا. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته رپورٽ ۾ ڄامشوري ۾ ترقياتي منصوبن جو ذڪر ڪيو ويو، جتي هو پيدا ٿيو آهي، کيس ته ڪو ترقياتي منصوبو نظر ئي نٿو اچي. جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ٻين ضلعن ۾ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪراچي ۾ به ترقياتي منصوبا نظر نٿا اچن، جيڪو ڪراچي کان ٻاهر نڪرندو، ان کي سنڌ جي صورتحال جي خبر پئجي ويندي، صوبي جي ڪنهن به علائقي يا ضلعي ۾ ترقياتي ڪم نظر ئي نٿو اچي. جسٽس دوست محمد کوسا رمارڪس ڏنا ته رقم جو صحيح استعمال ٿئي ته علائقا جنت بڻجي وڃن. ان موقعي تي عدالت رائلٽي جي مد ۾ ملندڙ رقم ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪرڻ بابت تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته تيل ۽ گيس ڪمپنين پاران مليل رقم مان تيار ڪيل منصوبن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته جنهن به آفيسر غلط انگ اکر پيش ڪيا، ان کي جيل موڪليو ويندو ۽ معاملي جي جاچ سيشن جج کان به ڪرائي سگهجي ٿي، جنهن بعد ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *