ڄامشورو سيوهڻ روڊ کي ڊبل ڪرڻ لاءِ ڪم شروع آهي، روڊ کي چئن حصن ۾ مڪمل ڪيو ويندو: وڏو وزير

قمبر(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ڄامشورو- سيوهڻ روڊ کي ڊبل ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، روڊ کي چئن حصن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وڏو وزير مراد علي شاهه قمبر ويجهو ڳوٺ نورمحمد شيخ  پهچي 4 ڏينهن اڳ سن ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل هڪ ئي خاندان جي 10 گهرڀاتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڄامشورو- سيوهڻ روڊ کي ڊبل ڪرڻ سان حادثن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي سفر جون سهولتون ملنديون. هن چيو ته روڊ چئن حصن ۾ ٺهندو، پهرين حصي جو ڪم ڄامشورو کان مانجهند تائين شروع ڪيو ويو آهي، روڊ جي تعمير ۾ 2 سال لڳندا. وڏي وزير چيو سنڌ نه پر پنجاب ۾ به پيئڻ جو پاڻي 100 سيڪڙو خراب آهي. مراد علي شاهه چيو ته ملڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، پ پ ئي ملڪ کي مشڪل صورتحال  مان ڪڍي سگهي ٿي. هن چيو ته اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن ٽن سالن لاءِ ڪانٽريڪٽ تي صحيحون ڪيون هيون. هن چيو ته ڪراچي ۾ استادن تي احتجاج دوران تشدد وارو عمل غلط هو، استادن جي مسئلي جي حل لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ نٿي چاهي، اسان نوجوانن کي روزگار ڏئي رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *