ڀلي سڄو خاندان گرفتار ڪيو، 18هين ترميم تي رهنڊ به اچڻ نه ڏني ويندي: بلاول زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته منهنجي سڄي خاندان کي گرفتار ڪريو، 18هين ترميم آئين ۽ جمهوريت تي ڪجهه به برداشت نه ڪنداسين دٻاءُ محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي به لائين ۾ اچڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. اسان ڪالهه به دٻاءُ ۾ نه آياسين ۽ اڄ به دٻاءُ ۾ نه اينداسين ڪٺپتلي وزيراعظم هائوس ۾ ويٺو آهي، ان جي ڏور ڪنهن ٻئي هنڌان ڇڪجي ٿي. هي نه ملٽري ڪورٽ آهي، نه ان ڪئميرا ڪورٽ آهي عوام کي حق آهي عدالت اچڻ جو ۽ ڪارروائي ڏسڻ جو، وڪيلن کي عدالت اچڻ کان روڪيو ويو جنهن سان ڪارروائي ۾ دير ٿي ڇي هي سڀ جج تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش هئي هي منهن سان منهنجي خاندان سان نفسياتي کيڏ کيڏي رهيا آهن پيپلزپارٽي يحيٰ خان، ضياءالحق ۽ پرويز مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو اڄ به هن ڪٺپتلي حڪومت جي مخالفت ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي سومر تي احتساب عدالت ۾ توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پيشي جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري به عدالت ۾ موجود هو عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان محسوس ڪري رهيا آهيون ته اسان تي دٻاءُ آهي، اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته اسان به لائن ۾ اچون اسان به اسڪرپٽ کي فالو ڪيون ته جيئن 18هين آئيني ترميم اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي ٿئي ايوان مان ڪارو قانون منظور ٿئي جڏهن ته اسان ڪالهه به دٻاءُ ۾ نه آياسين ۽ اڄ به نه اينداسين هن چيو ته اڳتي هلي اوهان ڏسو ته 1973 آئين، اين ايف سي ايوارڊ، جمهوري حق، انساني حق، هن ملڪ جي غريب عوام جي معاشي حقن تي منهنجو موقف دٻاءُ سبب تبديل نه ٿيندو عدالتي ڪارروائي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هي عدالت فوجي، ان ڪئميرا عدالت ۽ يا آمر جي عدالت نه آهي جو اسلام آباد جي پوليس فاروق ايڇ نائڪ، لطيف کوسه ۽ ٻين وڪيلن سان غلط ورتاءُ ڪيو ۽ عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويئي جنهن سبب شنوائي دير سان شروع ٿي ۽ ڪارروائي به متاثر ٿي پ پ پ چيئرمين چيو ته هر جوابدار جو وڪيل ان ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيو هو ڪنهن کي ڌڪا لڳا ڪوئي زخمي ٿيو ڪنهن کي اندر اچڻ نه ڏنو ويو ڇا آزاد رياست ۾ ائين ٿيندو آهي. پاڪستان جو عوام، سپريم ڪورٽ جي وڪيلن کان ڇا لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هن چيو ته اوهان کي ڪهڙو خوف آهي، ڪهڙو ڊپ آهي ڇا هي جج تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي يا اسان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڇا اوهان آصف زرداري کان ايترو ڊڄو ته رڳو عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سڄي اسلام اباد جي پوليس کي هتي بيهاري ڇڏيو ٿا هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي اڄ 17 آگسٽ آهي هر جيالي کي هي تاريخ ياد آهي اڄ مينگو ڊي هو جيڪو هن ملڪ جي آمر جنرل صياءالحق جو آخري ڏينهن هو ۽ اڄ جيڪو هائرڊ رجيم هلي رهيو آهي، ڪٺپتلي وزيراعظم هائوس ۾ ويٺو آهي جڏهن ته ان جي ڏور ڪنهن ٻئي هٿان لڏي ٿي هن هائرڊ رجيم جي به پڄاڻي ٿيڻي آهي هن چيو ته هي جعلي ۽ ڪٺپتلي جمهوريت نه هلندي چاهي اوهان سمجهون ٿا ته وزيراعظم کي به ڪٺپتلي وانگر هلايو ميڊيا کي به ڪٺپتلي وانگي هلايو احتساب عدالتن جي ججز کان وٺي نه ڄاڻي ڪهڙي سطح تائين جي ججز کي ڪٺپتلي وانگر هلايو ۽ هر اپوزيشن تي نيب ۽ ڪيسن جي ذريعي دٻاءُ وجهي کين به ڪٺپتلي وانگر هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو اوهان جي هي ڪوشش ناڪام ٿيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اوهان وٽ دليل ناهي هوندا ڪوئي ڪيس ناهي هوندو ته گارگند، بداخلاقي ۽ طاقت تي ڀاڙڻو پوي ٿو ۽ اڄ اهي ٻئي شيون ڏٺيون ويون ته ڪهڙي طرح سپريم ڪورٽ جي وڪيلن سان انتظاميه ۽ پوليس بداخلاقي ڪئي ۽ ڪهڙي طرح نيب جا وڪيل پنهنجي ساٿي وڪيل کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا هن چيو ته اڄ هي اسان سان ٿي رهيو آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي سان ٿي سگهي ٿو اها وڏي عجيب ڳالهه آهي جو انهيءَ نيب جي هڪ جج عالمي وبا سبب طبي بنيادن تي آصف زرداري کي حاضري لاءِ وڊيو لنڪ جي رعايت ڏني جڏهن ته انهيءَ عدالت جو ٻئي جج لاءِ وبا نه پکيڙي ويئي ان لاءِ ڪووڊ 19 ڪا شئي نه آهي بلاول ڀتو چيو ته اڳوڻي صدر کي صحت جي خراب صورتحال جي باوجود جج سامهون حاضر ڪرايو ويو جيتوڻيڪ ڊاڪٽرن ان کي ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو اهي ان کان پو3 عدالتي ڪارروائي کي اڳتي نه وڌايو ويو ته جيئن اسان هڪ ايندڙ پيشي تي ٻيهر آصف زرداري کي ڪرونا جي خطري جي باوجود پيش ڪيون. هن چيو ته ڌمڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن مان پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندس ته منهنجي والد پارٽي ڪارڪنن، ساٿين سان انتقامي ورتاءُ ڪيو ويندو جڏهن ته مان پنهنجي موقف تان نه هٽندس پ پ پ چيئرمين چيو ته اڄوڪي ڏينهن بابت اسان هي سوال ته پڇي سگهون ٿا ته اڄوڪي ڏينهن جي واقعي جي حوالي سان جاچ ڇو نه ٿي اڄ تائين اسان کي خبر نه آهي ته هن ڏينهن تي ڇا ٿيو هو هن چيو ته اسان انصاف جي اميد رکون ٿا ڇو ته جيڪڏهن اسان جمهوري قوتون عدالتن مان اميدون نه رکنداسين ته ڪير رکندو اسان کي جمهوري پرامن قانون جو رستو اختيار ڪرڻو آهي اسان اڄ تائين انتظار ڪري رهيا آهيون ته ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿئي انصاف ڏنو وڃي اهي سمورا ڪيس التوا هيٺ آهن انهن ئي عدالتن ۾ بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس به موجود آهي بلاول ڀتو چيو ته احسان الله احسان فرار ٿيو جڏهن ته ڪنهن عدالت نوٽيس نه ورتو هي رياست پاڪستان جي ناڪامي آهي ته اها هن دهشتگرد کي ٽرائيل تائين نه پهچائي سگهي هو اي پي ايس جي ٻارڙن کي انصاف نه ڏيئي سگهي اها مون کي ۽ اوهان کي ڪهڙو انصاف ڏيندا هن چيو ته انصاف جي اميد رکون ٿا اسان جمهوري قانوني رستو اختيار ڪيون ٿا هن چيو ته بي بي قتل ڪيس انهن ئي عدالتن ۾ التوا هيٺ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *