ڀريا سٽي ويجهو تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، پيءُ ۽ ڌيءُ فوت

ڀريا سٽي(رپورٽر) ڀريا سٽي ويجهو تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ ٿڏي تي فوت ٿي ويا.. قومي شاھراھ تي جوھي کان ڪنڊيارو ويندڙ موٽر سائيڪل سان تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب 45 ورهين جو غلام شبير ڀٽو ۽ سندس 7 ورھين جي ڌي فضا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندس زال شاھده ڀٽو سخت زخمي ٿي پئي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال آندو جتان ٻنهي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم  بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي، پوليس ٽرالر ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي…..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *