ڀتي خور سڪيش چندر شيکر خلاف جاري ڪيل چارج شيٽ ۾ نورا فتحي جو نالو به شامل

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا باليووڊ اداڪارا نورا فتحي بابت انڪشاف ڪيو آهي ته هن فراڊ ۽ ڀتاخوري جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار سڪيش چندر شيکر کان قيمتي تحفو وصول ڪيو.انفورسمينٽ ڊاريڪٽوريٽ طرفان تازو ئي سڪيش چندر شيکر خلاف جاري ڪيل چارج شيٽ ۾ نورا فتحي جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا جي موجب ان چارج شيٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڪيش چندر شيکر اداڪارا نورا فتحي کي به هڪ مهانگي گاڏي تحفو ڏني هئي.نورا فتحي کي سڪيش چندر جي گهرواري هڪ تقريب ۾ گهرايو هو جنهن ۾ شرڪت عيوض نورا فتحي شيکر کان مهانگي گاڏي ورتي هئي.واضح رهي ته نورا فتحي کان فراڊ ڪيس ۾ اڳ ۾ ئي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي ۽ اها ان حوالي سان اهڙي خبرن جي ترديد به ڪري چڪي آهي.گذريل ڏينهن مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ جيڪولين فرنينڊس کي ڀارت کان ٻاهر ويندي ممبئي ايئرپورٽ تان روڪيو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *