ڀارت 290 ارب جو دفاعي سامان خريد ڪندو: ڀارتي ميڊيا

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڀارت 29000 ڪروڙ رپين جو دفاعي سامان خريد ڪرڻ جي منطوري ڏيئي ڇڏي ڀارتي نشرياتي اداري زي نيوز مطابق ڀارتي دفاعي خريداري ڪائونسل جي هڪ اجلاس ۾ 290 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي دفاعي خريدارين جي منظوري ڏني ويئي ڀارتي بچاءُ واري وزير منوهر پريڪر جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ 4380 ڪروڙ رپين جا واڌو سامونڊي نگراني جا جهاز بوئنگ پي 81 جي خريداري جي منظوري ڏني ويئي ان کان علاوه 19900 ڪروڙ رپين جي ماليت سان 1960 جي ايل 70 ۽ زيڊ يو 23 جهاز ڪيرائيندڙ گنون تبديل ڪرڻ جي منطوري ڏني ويئي سرڪاري ذريعن مطابق 428 بندوقون دفاعي پروڪيورمينٽ پريسيجر جي ڪلاس تحت حاصل ڪيون وينديون دهلي ۾ 6 جنگي بحري جهازن ۽ تلوار ڪلاس جي هٿيارن ۽ سينسر جي نظام جي اپ گريڊيشن لاءِ 2900 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني ويئي گجرات ۾ براهومز ٽريننگ سينٽر لاءِ 3000 ڪروڙ رپيا ۽ ڀارتي بحريه جي ليگ 29 ڪي ايس ۽ هاڪ جهازن جي جنگي نماز لاءِ 200 ڪروڙ جي منظوري ڏني ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *