ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هاڻي به آڇون موجود آهن: وينا ملڪ جي دعويٰ

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽ ٽي وي ميزبان وينا ملڪ چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هاڻي به آڇون موجود آهن، پر هاڻي آئون ڪڏهن به ڀارت نه وينديس. وينا ملڪ جو چوڻ هو ته پنهنجي مرضي موجب ڀارتي فلمي صنعت ۾ ڪم شروع ڪيو هو ۽ پنهنجي مرضي سان ئي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هڪ انٽرويو ۾ وينا ملڪ چيو ته هاڻي ڪيتري به وڏي آڇ ڪئي وڃي يا سلمان خان ۽ شاهه رخ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو چيو وڃي، پر پوءِ پاڪستان ڇڏي ڪم لاءِ ڀارت نه وينديس. هن چيو ته ڀارت ۾ ڪم دوران ڌمڪيون به مليون آهن، پر مون ڪڏهن ڌمڪين تي ڌيان ناهي ڏنو، ڀارت ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب اتي پاڪستاني فنڪارن کي اهميت نه ڏيڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *