ڀارت ۾ ڌماڪو، 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ممبئي (م.ڊ) ڪرلا جي هڪ هوٽل ۾ سيلينڊر جي ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارت جي شهر ممبئي جي علائقي ڪرلا ۾ ڪنارا هوٽل ۾ سيلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ عورت سوڌو 8 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا.امدادي ٽيمن جي اهلڪارن ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙ ۽ زخمين کي اسپتال موڪليو ويو، جتي زخمين کي طبي مدد ڏني پئي وڃي. پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *