ڀارت ۾ نوجوان ڇوڪري سان ٻن سالن ۾ 100 ماڻهن جو ريپ، ناري پوليس وٽ پهتي

پوني (اين اين آءِ) ڀارت جي شهر بوني ۾ نوجوان چوڪري کي نوڪري جو دلاسو ڏيئي ٻن سالن تائين جنسي ڌنڌو ڪرايو ويو ۽ ان عرصي ۾ ڇوڪري کي 100 کان وڌيڪ ماڻهن ريپ ڪيو ڀارتي اخباري رپورٽ موجب هڪ 16 سالن جي ڇوڪري الزام مڙهيو ته کيس نوڪري ڏيارڻ جو ڌوڪو ڏيئي اولهه بنگال مان پوني آندو ويو ۽ ان کان جنسي ڌنڌو ڪرايو ويو جنهن دوران ان کي ٻن پوليس اهلڪارن سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهن ريپ ڪيو گذريل مهيني وحشين جي چنڀي مان ڀڄي نئين دهلي پهتي متاثر پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي جن کي پوني پوليس منتقل ڪيو ويو ۽ 113 ماڻهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويئي ڄاڻايل ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي ويمانتل پوليس اسٽيشن 26 ورهين جي عورت کي گرفتار ڪيو ويما نتل پوليس اسٽيشن جي انچارج سينيئر پوليس انسپيڪٽر سنجي ٻڌايو آهي ته متاثر ڇوڪري جي دهلي ۾ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرايا ويا آهن ۽ ڇوڪري ميٽروپوليٽين ميجسٽريٽ آڏو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي ڇوڪري جو تعلق نيپال سان لاڳاپيل ڀارتي سرحدي علائقي سيل گوري سان آهي متاثر ڇوڪري جي ڏاڍي چانهه جو ڪم ڪندي آهي جتي گرفتار ٿيل ڏوهاري اڪثر ايندا هئا متاثر ڇوڪري کي پوني ۾ بيوٽي پارلر ۾ نوڪري جو واعدو ڪيو ويو هو ۽ ان کي جنوري 2014 ۾ هتي منتقل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *