ڀارت ۾ خورشيد قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کان اڳ هندو انتهاپسندن آرگنائيزر جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو

ممبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت ۾ پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کان اڳ هندو انتهاپسندن، آرگنائيزر تي حملو ڪري سندس منهن ڪارو ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيدمحمود قصوري جي ڪتاب جي مهورت اڄ شام پنجين وڳي ممبئي جي هوٽل ۾ ٿيڻي هئي. مهورتي تقريب کان اڳ هندو انتهاپسند تنظيم شيو سينا جي بدمعاشن، آرگنائيزيشن آبزرور ريسرچ فائونڊيشن جي سربراهه سڌندا ڪـُلڪرنـِي جو منهن مس سان ڪارو ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڌمڪي ڏني ته ڪتاب جي مهورتي تقريب رد ڪئي وڃي. شيوسينا جي غنڊن ،فائونڊيشن جي آرگنائيرز سڌندا ڪـُلڪرنـِي کي تقريب ڪرڻ جي صورت ۾ سينا اسٽائل ۾ احتجاج جي ڌمڪي ڏني. سڌندا ڪـُلڪرنـِي ڪتاب جي مهورتي تقريب ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته شيو سينا جي غنڊن سندس منهن تي ڪاري مس ملي ڇڏي. واقعي بعد سڌندا ڪـُلڪرنـِي ممبئي ۾ پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري سان ڪاري منهن واري حالت ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. فائونڊيشن جي آرگنائيرز سڌندا ڪـُلڪرنـِي جو چوڻ هو ته شيو سينا جي ڌمڪين باوجود ممبئي ۾ خورشيد قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ضرور ٿيندي. ڪــُلڪرني چيو ته خورشيد قصوري جو ڪتاب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن لاءِ عظيم ڪارنامو آهي. ان موقعي خورشيد محمود قصوري، شيو سينا جي روئي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هـُو هتي غير قانوني ڪم ڪرڻ ناهي آيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هندن کي جيڪا عزت ڏني ويندي آهي اهڙي عزت مسلمانن کي ڀارت ۾ نه ملي رهي آهي. خورشيد محمود قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب لاءِ مهارا شٽر جي وڏي وزير مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي. ٻئي طرف شيو سينا جي پارلياماني ميمبر سنجي روت حملي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڪلڪرني جو ڪارو ڪيل منهن رڳو مس نه پر سندن فوجين جو رت آهي. ياد رهي ته ڀارتي هندو انتهاپسند تنظيم شيو سينا ان کان اڳ به پاڪستاني فنڪارن کي ڌمڪيون ڏئي چـُڪي آهي ۽ پاڪستاني ڳائڻي غلام علي جو ڪنسرٽ ممبئي جي نهرو سينٽر ۾ ٿيڻو هو جيڪو شيو سينا جي ڌمڪين بعد ملتوي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *