ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جي خلاف اولهه جي ماٺ ڳڻتي جوڳي آهي: رضا رباني

پشاور/سرگوڌا (م.ڊ) سرگوڌا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  سينٽ جي چئيرمين رضا رباني چيو ته ڀارت ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهي، ملڪ ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.  سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جي خلاف اولهه جي ماٺ ڳڻتي جوڳي آهي،سندس چوڻ هو ته سينٽ سان خطاب دوران چيف جسٽس جو اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته جيڪڏهن جمهوري ادارا ٺيڪ طرح سان ڪم نه ڪندا آهن ته ٻيا ادارا مداخلت ڪندا آهن، جمهوري ادارن جي مضبوطي لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو. ان کانپوءِ پشاور ۾ مفتي محمود سيمينار سان خطاب ڪندي چئيرمين سينٽ چيو ته ماضي ۾ آمرن آئين کي پيرن هيٺان چيڀاٽيو، آمريت جي دور ۾ جمهوري ادارن کي هڪٻئي سان ويڙهايو ويو، آئين کي اصلي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين ڪردار نڀايو، اڄ هن ملڪ کي ٻيهر اهڙي سوچ جي ضرورت آهي، وفاق جي مضبوطي لاءِ سڀ سياسي قوتون اختلاف وساري ڇڏين، جمهوريت ئي پاڪستان جي مضبوطي جو واحد رستو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ادارن وچ ۾ رابطا وڌن، گڏجي ويهن، ڪا وچين واٽ ضرور نڪرندي، ڇو ته وچين واٽ ئي قوم جي ڀلائي جي واٽ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *