ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ اڄ شروع ٿيندي

موهالي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ اڄ کان 9 نومبر تائين پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم موهالي ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقن دؤري دوران بهترين

ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ميزبان ٽيم ڀارت کي شڪست ڏئي ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز پنهنجي نالي ڪئي. ان لحاظ کان هن کي ٽيسٽ سيريز ۾ نفسياتي سرسي حاصل هوندي. ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 5 کان 9 نومبر، ٻي ٽيسٽ 14 کان 18 نومبر، ٽين ٽيسٽ 25 کان 29 نومبر، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ 3 کان 7 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *