ڀارت ۽ ٻيا ملڪ خطي جي امن لاءِ گڏجي ڪم ڪن، فغانستان امن لاءِ تيار آهي، بال پاڪستان جي ڪورٽ ۾ آهي: اشرف غني/جيمز ميٽس

ڪابل (ويب ڊيسڪ): افغان صدر اشرف غني چيو آهي ته افغانستان امن لاءِ تيار آهي، جڏهن ته هاڻي بال پاڪستان جي ڪورٽ ۾ آهي، ڪابل ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس ۽ نيٽو جنرل سيڪريٽري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته انتهاپسند افغان عمل ۾ شامل ٿي وڃن، هن چيو ته ڀارت، روس ۽ ٻيا ملڪ خطي جي امن لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هن چيو ته افغان حڪومت چئن سالن جو فوجي منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن کي نيٽو جي منظوري ملي وئي آهي، ان موقعي تي آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهن بابت الزامن تي آمريڪا پاڪستان سان ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته نئين آمريڪي پاليسي پاڪستان لاءِ شورش سان وڙهڻ جو موقعو آهي، هن چيو ته القاعده، حقاني ۽ ٻين انتهاپسند گروپن کي پير ڄمائڻ نه ڏينداسين، اتحادين سان گڏجي افغانستان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون، جيمز ميٽس چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام دنيا جي لاءِ خطرو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *