ڀارت کي شڪست ڏئي پاڪستان ايشيئن جونيئر اسڪواش جو چيمپيئن بڻجي ويو

 

پٽايا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايشين جونيئر اسڪواش چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجي ويو.ٿائيلينڊ جي شهر پٽايا ۾ منعقد ايشين جونيئر اسڪواش چيمپيئن شپ جي فائنل ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ پاڪستان روايتي مخالف ڀارت کي 0-2 تان شڪست ڏني. پاڪستاني رانديگر فرحان هاشمي ۽ عباس زيب فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.پهرئين فائنل ۾ فرحان هاشمي ڀارت جي وير چوٽراني کي 2-3 تان شڪست ڏني، هن ميچ 2-11، 9-11، 7-11، 11-5، 9-11 تان کٽي.جڏهن ته عباس زيب ڀارتي مخالف اتڪرش بيهاني خلاف 0-3 تان ڪاميابي حاصل ڪئي، هن ٻئين فائنل ميچ ۾ 4-11، 2-11، 6-11 تان ڀارتي رانديگر کي شڪست ڏني.پاڪستاني رانديگرن چيمپيئن شپ جو ٽائٽل کٽڻ کانپوءِ پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ۽ شڪر جو سجدو به ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *