ڀارت ڏاڍ ذريعي ڪشيمرين کي گهڻي وقت تائين يرغمال نٿو رکي سگهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڀارت ڏاڍ ذريعي ڪشميرين کي گهڻو وقت يرغمال نٿو رکي سگهي، ڀارت جو ڪشمير تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿو ٿي سگهي، ڪشميرين کي ڀارت جو تازو فيصلو قبول نه آهي، پاڪستاني ميڊيا جو ڪشيمر ڪاز جي معاملي تي قومي موقف اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي ۽ ميڊيا جو موثر ۽ اثرائتو ڪردار سامهون اچڻ گهرجي، هوءَ اربع تي حريت اڳواڻ عبدالحميد لون، ڪشمير ميڊيا سروس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تجمل اسلام سان گڏ پريس انفارميشن کاتي ۾ پريس ڪانفرني کي خطاب ڪري رهي هئي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڀارت ڀل ڪجهه به ڪري پر ڪشمير تي ان جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي وري ڪشميري عوام ان کي قبول ڪندو، هن چيو ته ڀارت پنهنجي سموري ڏاڍ جي باوجود ڪشمير ۾ پنهنجي جنگ هارائي چڪو آهي، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ان کي اتي لکين فوج مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه پوي ها، ڪشميرين کي ڀارت جي ڏاڍ جو هڪ فيصلو قبول نه هوندو، فردوس عاشق چيو ته 22 ڪروڙ عوام وزيراعظم عمران خان موجوده حڪومت پاران يقين ڏياريون ٿا ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشمير تي قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ فوج لاهي ڇڏي آهي، ڀارت جي اهڙين حرڪت مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪشميري ڀارت سان گڏ نه آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي ۽ آر ايس ايس جي ارادن کي وائکو ڪيو آهي، هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ان معاملي کي اٿاري سگهجي ٿو، هن چيو ته اسان چئون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج مقرر آهي پر هن وقت تائين نئين تفصيل کانپوءِ 15 لک جي لڳ ڀڳ فوجي ۽ نيم فوجي موجود آهن، هن چيو ته اهڙين حرڪتن سان آزادي جي تحريڪ کي چٿي نٿو سگهجي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان واعدو ڪيو ته هو ڪشمير جو مسئلو حل ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *