ڀارت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو

دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، پاڪستان فوبيا ۾ ورتل ڀارت هڪ ڀيرو وري پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. انسلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج هڪ بيان جاري ڪيوآهي جنهن ۾ هن چيو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ جي امڪانن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جو چوڻ هو ته هنن حالتن ۾ پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز نٿي کيڏي سگھجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي ان حوالي سان سموريون خبرون بي بنياد آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڀارت جو دورو ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. هن چيو هو ته ڀارت پاڪستان سان گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ تيار آهي. اهڙي بيان جي جواب ۾ ڀارت جي پرڏيهي وزير سشما سوراج جو تازو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڀارت پاڪستان سان گڏيل عرب مارتن سميت ڪٿي به ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ تي اتفاق نه ڪيو هو ۽ ان قسم جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي. واضح رهي ته 2008ع ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ ممبئي حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪا به ٽيسٽ سيريز نه کيڏي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *