ڀارت پاڪستان مخالف افغانستان چاهي ٿو: پرويز مشرف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته نيٽو فوج جي واپسي سان افغانستان ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پراڪسي جنگ ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا ڪراچي ۾ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو ته افغانستان ۾ ڀارت جو اثر رسوخ پاڪستان لاءِ خطرناڪ آهي، ڀارت پاڪستان مخالف افغانستان چاهي ٿو، اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت افغانستان ۾ نسلي گروپن جي ڪجهه عنصرن کي استعمال ڪندو ته پاڪستان به اهڙن گروهن جي حمايت ڪندو ۽ اسان لاءِ يقينن نسلي گروهه پختون هوندا ته جيتوڻيڪ افغانستان ۾ پراڪسي جنگ جي شروعات ٿئي پئي ته ان کان پاسو ڪيو وڃي، پرويز مشرف الزام مڙهيندي چيو ته ڀارت ڏکڻ افغانستان ۾ تربيتي ڪيمپن ذريعي بلوچستان ۾ عليحدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي، مشرف پنهنجا آفيسر تربيت لاءِ پاڪستان بجاءِ انڊيا موڪلڻ تي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي تي تنقيد ڪئي، هن چيو ته اهڙين ننڍين ڳالهين اسٽريٽجڪ مسئلا پيدا ڪيا رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته هو پنهنجي فيصلي تي قائم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *