ڀارت پاڪستان سان ڳالهيون پٺاڻ ڪوٽ حملي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي واري شرط سان جوڙي ڇڏيون

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارت هلندڙ مهيني پاڪستان سان پرڏيهي سيڪريٽرين وارين ڳالهين کي پٺاڻ ڪوٽ ائيربيس حملي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي وارين شرطن  سان ڳنڍيندي  چيو ته بال هاڻي پاڪستان جي ڪورٽ ۾ آهي.نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اسان پاڪستان سوڌو سڀني پاڙيوارن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر پٺاڻ ائيربيس تي حملي کانپوءِ سرحد پار حملن جو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي چڪو آهي،جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ نه سهنداسين. ترجمان جو چوڻ  آهي ته پٺاڻ ڪوٽ ائيربيس ۽ افغانستان ۾ ڀارتي قونصل خاني تي حملي جا سرا هڪٻئي سان ملي رهيا آهن. ان معاملي جي تهه تائين پهچڻ اسان جي پهرين اهميت آهي ،ڇو ته ان سانحي جي ڪري پاڪ ڀارت ڳالهيون دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *