ڀارت پاران ڪشمير کي اٽوٽ انگ چوڻ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي: اعتزازاحسن

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته ڀارت پاران ڪشمير کي اٽوٽ انگ چوڻ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي افغانستان ملتان ۽ بنگلاديش پاران سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار پرڏيهي وزارت جي وڏي ناڪامي آهي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي تقرير گڏيل هئي. نوازشريف جي خطاب ۾ سڀ کان اهم ڳالهه ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو جي ٿيڻ گهرجي ها جڏهن ته پاڻ ۾ غلط فهميون ختم نه ٿينديون ته ڪشمير جو ڪيس اسان ڪيئن وڙهنداسين پاڪستان ۽ ڀارت جوهري قوتون آهن ڇڪتان صرف ۽ صرف تباهي آڻيندي آهي اربع تي اسپيڪر اسيمبلي سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي گڏيل اجلاس جي ٻئي ڏينهن ڳالهائيندي اعتزازاحسن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان پنهنجا خيال پيش ڪيا ۽ ان تي بحث ڪيو اهو اي پي سي ان ڪئميرا به هئي ته ميڊيا تي ٽڪرز ۽ ٽاڪ شوز ۾ اي پي سي جي ڪارروائي جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي ڪشمير ۾ اڄ باهه ڀڙڪي رهي آهي ۽ خون جي هولي جاري آهي نوجوانن کي وڏن هٿيارن سان نابين ڪيو پيو وڃي. جنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪشميري نوجوان انهن هٿيارن جي مقابلي ۾ پٿرن سان جدوجهد ڪري رهيا آهن هن چيو ته ڀارت ان آزادي جي تحريڪ سان پريشان ۽ وائڙي ٿي ويئي آهي جهڙي طرح سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو رچايو ويو ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀارت بيڪ فوٽ تي هليو ويو آهي ڀارت ۾ ڪچريوال ۽ ڪانگريس جي قيادت به ان ڏس ۾ سوال اٿاري رهي آهي. ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي نظرثاني ۽ ان جي رد ٿيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ چئن جنگين باوجود سنڌ طاس معاهدي تي فرق به نه آيو ڀارتي قيادت جيڪڏهن چاهي ٿي ته سنڌ طاس معاهدي تي ترميم يا ان کي ختم ڪرڻو آهي ته ڀارت پاران اهو جنگي قدم هوندو هن چيو ته سارڪ ڪانفرنس جو منعقد نه ٿيڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي هن چيو ته منهنجي والده اهو اعلان ڪيو هو ته جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿئي هو ريشم نه پائيندي ۽ 2001 ۾ فوت ٿيڻ تائين هو ان عهد تي قائم رهي. هن چيو ته ڪشمير هڪ بين الاقوامي تڪرار آهي ۽ ڀارت جو اهو چوڻ آهي ته هو ان جو اٽوٽ انگ آهي بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي هن چيو ته اسان اهو سمجهون ٿا ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي خلف ورزي جارحيت جو هڪ قدم آهي. هن چيو ته اڙي حملي کان پوءِ پاڪستان جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت خود ڪرايو هجي پر جيڪڏهن ٿي سگهي ٿو ته پوءِ پاڪستان اڪيلو ڇو رهجي ويو پيپلزپارٽي سينيٽر وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته توهان پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري رهيا آهيو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71هين اجلاس ۾ وزيراعظم جي تقرير جي حوالي سان ڳالهائيندي اعتزازاحسن چيو ته تقرير گڏيل هئي. هن چيو ته ميڊيا ي ملڪ جي سلامتي جي اشو تي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اهڙي ڪنهن به شخص کي پروموٽ نه ڪيو وڃي جنهن تي پابندي مڙهيل هجي هن چيو ته هن ايوان ۾ سکن جون سيٽون فراهم ڪرڻ جي الزام جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو. پهريان ته اهو ٻڌايان ته اهڙي ڪابه لسٽ سکن جي موجودگي نه هئي. جيڪڏهن هجي ها ته مون تائين ڪيئن پهچي ها ۽ مان جيڪڏهن ڀارت کي ڏني هئي ته منهنجي خلاف ڪارروائي ڪيل هجي ها هن چيو ته وزيراعظم جي گڏيل قومن ۾ تقرير جي هن تعريف ڪئي هئي ڪشمير جي لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو جي ڪمٽمينٽ رهي آهي اهڙي ڪنهن جي به نه رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *