ڀارت پاران ويڙهه مڙهڻ تي پاڪستان حڪمت عملي جوڙي ڇڏي

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت جي ڪولڊ اسٽارٽ نالي ويڙهه جي حڪمت عملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِننڍا ايٽمي هٿيار تيار ڪيا آهن. واشنگٽن ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ٻڌايو ته پاڪستان جو جوهري پروگرام ڀارت پاران لاڳاپيل خطرن ۽ ڀارتي جارحيت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ۽ پاڪستان ڀارت جي ڪولڊ اسٽارٽ نالي ويڙهه جي حڪمت عملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ننڍا ايٽمي هٿيار تيار ڪيا آهن.ان کان اڳ پاڪستان جي نيوڪلئير ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ چيو هو ته پاڪستان  خطي ۾ روايتي هٿيارن جي اڻ برابري سبب ننڍا ننڍا ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جو سلسلو جاري رکندو، جڏهن پاڪستان جي هن نئين پاليسي کي فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس ڪيپيبليٽي جو نالو ڏنو ويو هو. پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري جو چوڻ هو ته وزيراعظم نوازشريف جي صدر اوباما سان ملاقات ۾ خطي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جڏهن ته دوري ۾ پاڪ، آمريڪا ايٽمو معاهدو غور هيٺ ناهي. هن چيو ته افغان مسئلي جو حل طاقت بجاءِ ڳالهين سان ٿيندو ۽ پاڪستان افغان مفاهمي عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *