ڀارت ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 124 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي

ناگپور (اسپورٽس نيوز) ڀارت ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 124 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي.ڀارت ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 310 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو،جنهن جي جواب ۾ پروٽينز185 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا،هاشم آملا ۽ فاف ڊوپليسي39، 39، رنسن جي اننگز سان ٽاپ اسڪور رهيا.ڀارت پاران پهرين اننگ ۾ 215 رنسون ۽ ٻي اننگ ۾ 173 رنسون ٺاهيون هيون،ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگ  رڳو 79 رنسون ٺاهي سگهي هئي، جڏهن ته ٻي اننگ ۾ 185 رنسون ٺاهيون،روي چندر اشون کي شاندار بالنگ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *