ڀارت والاريل ڪشمير ۾ چُرپُر تي سخت پابنديون لاڳو ڪندي ٻن اڳوڻن وڏن وزيرن عمر عبدالله ۽ محبوبا مفتي کي نظربند ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت والاريل ڪشمير ۾ چُرپُر تي سخت پابنديون لاڳو ڪندي ٻن اڳوڻن وڏن وزيرن عمر عبدالله ۽ محبوبا مفتي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب عمر عبدالله سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته کيس نظربند ڪيو ويو آهي ۽ اهڙو ئي ورتاءُ ٻين اڳواڻن سان به ڪيو پيو وڃي، مون کي يقين آهي ته رات جي ٻئي پهر کان گهر تي نظربند ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻين اڳواڻن کي به نظربند ڪرڻ جو عمل جاري آهي، حقيقت جي باري ۾ خبر ناهي پر جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ملاقات ٿيندي، الله اسان جي حفاظت ڪري. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته مهرباني ڪري قانون کي هٿن ۾ کڻڻ کان پاسو ڪيو ۽ اطمينان رکو. ندس ٽوئيٽن کانپوءِ ڪجهه دير پوءِ ئي ڄمون ۽ ڪشمير پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبا مفتي خدشن جو اظهار ڪندي چيو اطلاع آهن ته انٽرنيٽ سروس سميت موبائل سروس کي معطل ڪيو پيو وڃي، ڪرفيو جا حڪم به جاري ٿي رهيا آهن، خدا ڄاڻي ايندڙ ڏينهن ڪيئن هوندو، هيءَ هڪ ڊگهي رات ثابت ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ڪيتري عجيب ڳالهه آهي جو اسان جهڙا چونڊيل نمائندا، جيڪي امن لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن، گهر تي نظربند ڪيا ويا، دنيا ڏسي رهي آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جو آواز بند ڪيو پيو وڃي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي اهو ئي ڄمون ۽ ڪشمير آهي، جنهن جمهوري سيڪيولر ڀارت جي چونڊ ڪئي پر اڄ ظلم ۽ ستم برداشت ڪري رهيو آهي، جاڳو ڀارت. هوڏانهن هڪ ڀارتي صحافڻ برکا دت ٽوئيٽ ڪيو ته اهو مسئلو ناهي ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڇا فيصلو ٿيندو پر چونڊيل نمائندن کي انهن جي گهرن تي نظربند ڪرڻ جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ريلي ۽ جلوس تي پابندي هوندي پر انهن کي اعتماد ۾ ڇو نه پيو ورتو وڃي. ڪشميري صحافي غلام جيلاني نئين دهلي کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن توهان ۾ ٿورو به اخلاق آهي ته مهرباني ڪري ڪشمير ۾ چريائپ جو مظاهرو بند ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *