ڀارت نيوزيلينڊ کي ٻي ٽيسٽ مئچ ۾ 372 رنسن تان هارائي ٻن مئچن جي سيريز کٽي ورتي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت نيوزيلينڊ کي ٻي ٽيسٽ مئچ ۾ 372 رنسن تان هاري ٻن مئچن جي سيريز کٽي ورتي ممبئي ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ۾ ڀارت پاران ڏنل 540 رنسن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 167 رنسون ئي ٺاهي سگهي نيوزيلينڊ پاران ڊيرل مچل 60 ۽ هنري نڪلز 44 رنسون ٺاهي نمايان رهيا ڀارت جي ياديو ۽ ايشون 4-4 وڪيٽون ورتيون ڀارت پهرين اننگز ۾ 325 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي ميزبان جي پوري ٽيم اعجاز پٽيل آئوٽ ڪئي هئي. نيوزيلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ رڳو 62 رنسون ئي ٺاهي سگهي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *