ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر خبردار ڪيوآهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جي خلاف ڪوڙي فليگ آپريشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ڀارت گڏيل قومن جي نشان ۽ بلو جهنڊي جي باجود گاڏي کي نشانو بڻايو فائرنگ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي ڀارت معاشي بدحالي ۽ ڪسان احتجاج ۽ عالمي وبا ڪرونا وائرس سان منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ان لاءِ مسئلن کي دنيا جي توجهه هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي آچر تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت اندروني مسئلن کان توجهه هٽائڻ لاءِ پاڪستان جي خلاف فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو عالمي برادري کي فالگ فليگ آپريشن جي حوالي سان توجهه ڏياريون ٿا وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي مبصر مشن جي گاڏي تي فائرنگ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي نشان ۽ آسماني جهنڊي باوجود گاڏي کي نشانو بڻايو پاڪستان ڀارت جي ان رويي جي مذمت ڪري ٿو عمران خان لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته 2020 ۾ ڀارت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي جنگبندي معاهدي جي 3000 ڀيرا خلاف ورزي ڪئي آهي. شهري آبادي تي فائرنگ سان 92 عورتون ۽ 68 ٻارڙن سميت 276 ڄڻا شهيد ٿيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *